ڪراچي: پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سندس پارٽي جو منشور هر شهري کي رنگ، نسل ۽ مذهب جي فرق کانسواءِ عالمي معيار جون صحت جون سهولتون بلڪل مفت پهچائڻ آهي۔ هن چيو ته سنڌ حڪومت عوامي خدمت جي بنياد تي اهڙو مضبوط ۽ پائيدار هيلٿ نيٽ ورڪ جوڙي ڇڏيو آهي، جيڪو صرف پاڪستان ۾ نه پر عالمي سطح تي ڀيٽ لائق آهي۔
بلاول هاؤس ميڊيا سيل موجب، بلاول ڀٽو زرداري حڪومتِ سنڌ جي سهڪار سان جديد طرز تي تعمير ٿيندڙ انڊس يونيورسٽي اسپتال جي نئين عمارت جو افتتاح ڪيو۔ هن چيو ته ڪرسمس جي ڏينهن هن اهم منصوبي جو افتتاح ان ڳالهه جي علامت آهي ته هر مذهب غريب، بيمار ۽ ڪمزور طبقي جي خدمت جو درس ڏئي ٿو۔
چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته غريب عوام جو خيال رکڻ پيپلز پارٽي جي سياست جو مرڪزي فلسفو آهي۔ “روٽي، ڪپڙو ۽ مڪان ڪو رڳو نعرو نه، پر اسان جو نظريو ۽ منشور آهي، ۽ اسان سمجهون ٿا ته رياست جو فرض آهي ته غريب ترين ماڻهن جو سهارو بڻجي۔”
هن چيو ته پيپلز پارٽي جي دور حڪومت ۾ سنڌ جو سڄو صحت وارو نظام تبديل ٿي چڪو آهي۔ “هاڻي اسان صوبن سان نه پر عالمي معيار سان مقابلو ڪري رهيا آهيون۔”
بلاول ڀٽو زرداري انڊس هيلٿ نيٽ ورڪ سميت صحت جي شعبي ۾ سنڌ حڪومت جي ٻين پارٽنرن جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته پسماندن علائقن ۾ به جديد ۽ معياري علاج جي فراهمي لاءِ پارٽنرشپ کي وڌيڪ وڌايو وڃي۔
هن چيو ته سنڌ حڪومت انڊس اسپتال، ايس آءِ سي وي ڊي، ايس آءِ يو ٽي، چائلڊ وئلفيئر فائونڊيشن ۽ اين آءِ سي ايڇ جهڙن ادارن سان ملي صوبو ڀر ۾ صحت عامه جو مربوط نيٽ ورڪ قائم ڪيو آهي۔ بلاول ڀٽو چيو ته دل جي بيمارين جي مفت علاج بابت دنيا ۾ جڏهن ڳالهايو ويندو آهي، تڏهن اين آءِ سي وي ڊي جو نالو فخر سان ورتو ويندو آهي، جيڪو هن وقت دنيا جو سڀ کان وڏو مفت دل جو اسپتال بڻجي چڪو آهي۔
هن گمبٽ جي اسپتال جو حوالو ڏيندي چيو ته سنڌ جي هڪ ننڍڙي تحصيل ۾ به جديد علاج جون مفت سهولتون موجود آهن، جيڪي وڏن شهرن—جيئن ته لاهور—۾ به اڃا مڪمل طور تي دستياب ناهن۔
انهي موقعي تي سنڌ جا وڏا وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير، ايم پي ايز ۽ سياسي سماجي شخصيتون به موجود هيون۔
