دادو (رپورٽ – عزيز احمد ملڪ) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ گشت دوران پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ ٻا ڌار ڌار مقابلا ٿيا، جن ۾ ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
سي آءِ اي انچارج بينظير جمالي موجب پوليس گشت دوران ڏوهارين کي روڪيو ته هنن فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن تي پوليس به مقابلو ڪيو. مقابلن کان پوءِ زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيندڙ ڏوهارين جي سڃاڻپ غلام مصطفى پنهور ۽ ابراهيم پنهور طور ٿي آهي.
پوليس مطابق ٻنهي زخمي ڏوهارين کي علاج لاءِ سول اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندن طبي امداد جاري آهي. ابتدائي جاچ موجب ٻنهي مٿان مختلف ٿاڻن تي 25 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن، جن ۾ ڦر، ڏوهاري ڪارروايون ۽ ٻين سنگين ڏوهن جا مقدما شامل آهن.
