February 21, 2026 7:09 PM

دادو: پراسرار فائرنگ جي نتيجي ۾ پنجين ڪلاس جو شاگرد فوت

dailykalyan

دادو (رپورٽ-عزيز احمد ملڪ) ڪاڇي جي ڳوٺ مزاري مستوئي ۾ پراسرار فائرنگ جي نتيجي ۾ پنجين ڪلاس جو شاگرد گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو.

زخمي نينگر کي دادو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو پر رت وڌيڪ وهڻ سبب رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو.

فوتي ٻارڙي جي سڃاڻپ 10 ورهين جي حفيظ ولد محمد حنيف گبول طور ڪئي وئي ۽ ضروري ڪارروائيون مڪمل ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب ٻارڙي کي گردن ۾ گولي لڳل هئي جيڪا جسم کي ڪراس ڪندي ٻاهر نڪري وئي، جڏهن ته ٻارڙو اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي فوت ٿي چڪو هو.