February 21, 2026 7:07 PM

جيڪب آباد: ڳوٺ مير رواهي جي رهواسين جو راجهن روهڙي پاران مبينا ظلمن ۽ موتمار ڌمڪين خلاف احتجاج

جيڪب آباد (رپورٽ – عبدالله ٻرڙو ) ڳوٺ مير رواهي جي رهواسين استاد بگن رواهي، محمد عظيم رواهي ۽ محمد نواز رواهي بااثر شخص راجهن روهڙي طرفان موتمار ڌمڪيون ملڻ خلاف احتجاج ڪندي الزام لڳايو آهي ته راجهن روهڙي کان انهن کي جان جو خطرو آهي.

رهواسين ٻڌايو ته راجهن روهڙي اڳ به انهن جون پنج ميھون ۽ ٽريڪٽر ڦر ڪيو آهي، جڏهين ته ماڻهن کي گهرائي انهن جي گهرن مٿان فائرنگ به ڪرائي ٿو.

احتجاج ڪندڙن جو وڌيڪ چوڻ هو ته راجهن روهڙي بااثر شخص آهي، جنهن جي ميرانپور ٻرڙو پوليس سان ٻٺ ٻڌل آهي. پوليس جي سرپرستي سبب راجهن روهڙي ٽي لک رپيا ڀنگ به ورتو ۽ هاڻي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

متاثرن ڊي آءِ جي ناصر پٺاڻ ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد محمد ڪليم الله ملڪ کان مطالبو ڪيو آهي ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ راجهن روهڙي خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي۔