سعودي عرب جي جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف نارڪوٽڪس ڪنٽرول (جي ڊي اين سي) ۽ زڪواة، ٽيڪس اينڊ ڪسٽمز اٿارٽي گڏجي 6 پاڪستاني شهرين کي منشيات سان گرفتار ڪيو آهي.
سيڪيورٽي ترجمان طلال الشلهوب ٻڌايو ته ملزمان کي 71 ڪلوگرام ميٿ ايمفيٽامين سان حراست ۾ ورتو ويو.
ان کان علاوه، عماني اختيارين سان معلومات شيئر ڪرڻ بعد منشيات اسمگلنگ جون ٻه ڪوششون ناڪام بڻايون ويون، جن دوران 200 ڪلوگرام کان وڌيڪ منشيات ضبط ڪيون ويون.
سيڪيورٽي ترجمان زور ڏنو ته سعودي عرب منشيات خلاف سخت قدم کڻي رهيو آهي ۽ اهڙيون ڪوششون ناڪام بڻائيندو، جڏهن ته ملوث ماڻهن کي قانوني ڪارروائي تحت سزا ڏني ويندي.
