February 21, 2026 3:38 PM

ڪرڪ: دهشتگردن جو پوليس موبائل تي حملو، 4 اهلڪار شهيد

ڊيره اسماعيل خان جي علائقي گرگري دامي بانڊه ۾ دهشتگردن پوليس موبائل تي حملو ڪيو، جنهن نتيجي ۾ 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا.

پوليس مطابق فائرنگ کان پوءِ موبائل ۾ باهه لڳي وئي. شهيد اهلڪار شاهد اقبال، صفدر، عارف ۽ محمد ابرار شامل آهن.

ڊي پي او ڪرڪ سعود چيو ته واقعو پيش اچڻ سان گڏوگڏ پوليس علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، حمله آورن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو ۽ ثبوت گڏ ڪري جاچ جاري آهي.