February 21, 2026 4:11 AM

پاڪستان ۾ 5G جو انتظار ختم، سروسز جلد شروع ٿيڻ واريون!

اسلام آباد: حڪومت ملڪ ۾ جلد 5 جي سروسز شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔

وفاقي وزير براءِ آءِ ٽي شزا فاطمه، وزير خزانه محمد اورنگزيب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جلد پاڪستان ۾ 5جي متعارف ڪرائبي، ايندڙ 4 کان 6 مهينن ۾ سمورو عمل مڪمل ڪيو ويندو۔

شزا فاطمه جو چوڻ هو ته انٽرنيٽ پوري ڊجيٽل سسٽم جي بنياد آهي، انٽرنيٽ جي رفتار سان گڏ ان جي رسائي به وڌائي ويندي۔

آءِ ٽي وزير ٻڌايو ته 600 ميگا هرٽز اسپيڪٽرم جي آئڪشن لاءِ تياريون جاري آهن، ڪوشش آهي ته فيبروري 2026 جي پهرين هفتي تائين آئڪشن مڪمل ڪيو وڃي۔

هن وڌيڪ چيو ته اسپيڪٽرم ايڊوائزري ڪميٽي جون سفارشون جلد ڪابينا اڳيان پيش ڪيون وينديون، جڏهن ته ٽيليڪام شعبي سميت ٻين لاڳاپيل ڌرين سان به مشاورت يقيني بڻائي ويندي۔