رحيم يار خان ۾ ظاهر پير انٽرچينج جي وينجهو پيش آيل افسوسناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ 3 ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا.
ريسكيو اختيارين موجب ڪراچي ويندڙ ميت کڻي ويندڙ ايمبولينس ۽ بس جي وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو.
ريسكيو ذريعن ٻڌايو ته حادثي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 7 زخمي ٿيا، جن کي فوري طور ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي۔
