دادو ضلعي ۾ ھلندڙ سال دوران برادرين جي تڪرار سبب 73 ماڻهو قتل ٿي ويا، جڏهن ته 10 جنسي زيادتي جا واقعا پڻ پيش آيا۔
ضلعي جي چئنهي تعلقن ۾ 34 ڌاڙن جون وارداتون ٿيون، ان کان علاوه موٽر سائيڪل ڦر جون 21 ۽ 115 موٽر سائيڪلون چوري ٿيڻ جا واقعا پڻ رڪارڊ ٿيا۔
ڏوهارين خلاف شروع ڪيل آپريشن ‘الميزان’ ۾ پوليس 175 مقابلا ڪري چڪي آهي، جن ۾ 3 بدنام ڏوهاري مارجي ويا، جڏهن ته 33 ڦور زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيا۔
پوليس منشيات فروشن خلاف ڪاروائي ۾ 551 ڪلو گٽڪا، 144 ڪلو چرس ۽ 163 ليٽر شراب ضبط ڪيو آهي۔
ايس ايس پي دادو، امير سعود مگسي موجب، گذريل سال جي مقابلي ۾ هن سال ڏوهن ۾ ڪمي آئي آهي، جيڪو هڪ خوش آئند ڳالهه آهي، ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي ۽ عوام جي ساٿ سان ڏوهن جو خاتمو ڪيو ويندو۔
