نوري آباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او طرفان سادن ڪپڙن ۾ مبينا غنڊا گردي جو واقعو پيش آيو، جتي ايم نائين موٽروي تي ڪار سوارن کي روڪڻ جي ڪوشش دوران سندن گاڏي کي ٽڪر هنيو ويو، جنهن سبب ڪار اڳيان ويندڙ ٽرالر سان وڃي ٽڪرائجي وئي.
حادثي ۾ ڪار ۾ سوار نوجوان حميدالله بروهي ۽ محمد آصف سخت زخمي ٿي پيا، جڏهن ته مبينا طور پوليس اهلڪارن جي تشدد سبب حميدالله بروهي فوت ٿي ويو. زخمي ۽ فوتي کي سول اسپتال ڪوٽڙي منتقل ڪيو ويو.
زخمين موجب، سادن ڪپڙن ۾ اسلحا بردار ماڻهن گاڏين ذريعي سندن تعاقب ڪيو ۽ روڪڻ جي ڪوشش دوران گاڏي کي ٽڪر هنيو. زخمي آصف جو چوڻ هو ته کين خدشو ٿيو ته شايد اهي اغوا ڪندڙ آهن. ٽڪر سبب سندن ڪار ڊگهي رفتار سان هٽي وئي ۽ ٽرالر سان ٽڪرائجي ويئي.
عيني شاهدن مطابق، حادثي کان پوءِ نوري آباد جو ايس ايڇ او اسلحو ڏيکاري خوفزده ڪار سوارن کي هراسان ڪندو رهيو ۽ زخمين مٿان تشدد پڻ ڪيو، جڏهن ته عوام گڏ ٿيڻ بعد هو فرار ٿي ويو.
نوجوان ڪراچي مان ٽنڊو آدم پنهنجي ڪزن جي شادي ۾ شرڪت لاءِ روانا ٿي رهيا هئا.
