February 22, 2026 12:03 AM

مڱيتر جي وڌيڪ کاڌو کائڻ تي نوجوان جو عدالت سان رجوع، خرچن جي واپسي جو مطالبو

بيجنگ: چين ۾ نوجوان پنھنجي مڱيتر جي وڌيڪ کاڌو کائڻ تي عدالت سان رجوع ڪري ورتو ۽ مڱيتر کي ڏنل تحفن جي واپسي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

غير ملڪي ميڊيا جي مطابق چين جي صوبي ھيلونگ جيانگ ۾ ھڪ عجيب و غريب مقدمو سامهون آيو. جنهن سوشل ميڊيا تي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. مڱيتر جي وڌيڪ کاڌو کائڻ تي نوجوان منڱڻي ختم ڪندي خرچن جي واپسي لاءِ عدالت سان رجوع ڪري ورتو.

چيني شھري ھي، عدالت ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ان جي مڱيتر وانگ حد کان وڌيڪ کاڌو کائيندي آهي. جنهن جي ڪري ان جي خانداني ڪاروبار کي نقصان پهتو ۽ ھو پاڻ به ان کان ناخوش آهي.

رپورٽ جي مطابق نوجوان ھي ۽ وانگ جي ملاقات ھڪ رشتو ڪرائڻ واري شخص جي ذريعي ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي هڪ ٻئي کي پسند ڪيو جنهن کانپوءِ مڱڻي ٿي وئي. مقامي روايتن جي مطابق ھي جي خاندان وانگ جي خاندان کي 20 هزار يوان بطور مڱڻي ادا ڪيا.

بعد ازان ٻئي خانداني ڪاروبار سنڀالڻ لاءِ اتر چين جي صوبي ھيبي منتقل ٿي ويا. جتي ھي جي خاندان جو مالاٽانگ ريسٽورنٽ ھو، جيڪو چين جو ھڪ مقبول اسٽريٽ فوڊ آهي. وانگ 6 مهينن تائين ريسٽورنٽ ۾ ڪم ڪيو تنهن هوندي به ان دوران ٻنهي جي تعلقات ۾ ڪشيدگي پيدا ٿيڻ شروع ٿي وئي.

ھي جو چوڻ ھو ته ريسٽورنٽ منتقل ٿيڻ کانپوءِ وانگ جو رويو بدلجي ويو ھو. ۽ ھوءَ صرف آسان ڪم ڪندي ھئي. روزانو گراهڪن لاءِ تيار ڪيل کاڌو پاڻ کائي ويندي ھئي. جنهن سان ڪاروبار ۽ خاندان ٻئي متاثر ٿيا.

کاڌي جي معاملي تي وڌندڙ اختلاف آخرڪار مڱڻي جي خاتمي جو سبب بڻيا. جنهن کانپوءِ ھي عدالت سان رجوع ڪندي مڱڻي جي رقم سان گڏ 30 هزار يوان جي اضافي رقم جي واپسي جو به مطالبو ڪيو. جيڪو ان جي مطابق ان تعلق جي دوران وانگ تي خرچ ڪيو هو. جن ۾ ڪپڙا ۽ ٻيون ذاتي شيون شامل هيون.

عدالت ۾ وانگ موقف اختيار ڪيو ته ھوءَ ان جي گرل فرينڊ ھئي ڪو ملازم نه. ۽ تعلق جي دوران ڏنل تحفا واپس نه ورتا ويندا آهن.

عدالت وانگ جي موقف سان اتفاق ڪندي قرار ڏنو ته ذاتي نوعيت جي خرچن جي واپسي جو مطالبو درست نه آهي. البت عدالت چونکہ ٻنهي جي شادي نه ٿي هئي، ان ڪري وانگ کي مڱڻي جي رقم جو اڌ حصو واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو.