ملڪ ۾ رجب المرجب جو چنڊ نظر اچي ويو، سڀاڻي 22 ڊسمبر تي پهرين رجب ٿيندي.
گذريل ڏينهن اسپارڪو اڳڪٿي ڪئي هئي ته رجب المرجب جو پهريون ڏينهن 22 ڊسمبر 2025 تي ٿيڻ جو امڪان آهي.
اسپارڪو موجب رجب المرجب 1447 هجري جو نئون چنڊ 20 ڊسمبر 2025 تي صبح جو 06:43 تي طلوع ٿيڻ جو گمان آهي، علم فلڪيات جي حساب سان 21 ڊسمبر تي سج لهڻ مهل چنڊ جي عمر 35 ڪلاڪ ۽ 26 منٽ ٿيندي.
ملڪ جي سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ سج لهڻ ۽ چنڊ لهڻ جي وچ ۾ وقفو تقريباً 63 منٽن جو اندازو آهي، ماهرن جي راءِ موجب 21 ڊسمبر جي شام تي چنڊ کي اک سان ڏسڻ جا چٽا امڪان موجود آهن.
فلڪياتي امڪانن کي نظر ۾ رکندي رجب المرجب جو پهريون ڏينهن 22 ڊسمبر 2025 تي ٿيڻ جو پورو امڪان آهي.
