February 21, 2026 7:42 PM

اياز ميلو: ڪروڙين جي بجيٽ جي باوجود خانه بدوش جهڙي ننڍڙي جڳهه جي چونڊ، آخر مقصد ڇا آهي؟

لڳ ڀڳ 30 لکن جي آبادي رکندڙ شهر ۾ ٿيندڙ ٽن ڏينهن واري اياز ميلي لاءِ سنڌ سرڪار ڪروڙين جو بجيٽ خرچ ڪري ٿي.

هن ميلي ۾ يونيورسٽين جا شاگرد، شاگردياڻيون، هزارين شهري ۽ فيمليون وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿين ٿا.

سوال اهو ٿو اُڀري ته پوءِ اهڙو وڏو ايونٽ سنڌ ميوزيم جي خانه بدوش جهڙي ننڍڙي جڳهه ۾ منعقد ڪرڻ جو مقصد آخر ڇا آهي؟

 

ڇا انتظاميا کي شهر ۾ موجود راڻي باغ سميت ٻيون کليل ۽ ڪشاده جڳهون نظر نٿيون اچن؟ جتي ميلاپي فنڪشن نه رڳو بهتر طريقي سان ٿي سگهي ٿو، پر ماڻهن لاءِ آمد و رفت، ويهڪ ۽ سيڪيورٽي جون سهولتون به وڌيڪ مناسب ٿي سگهن ٿيون.

اهو تاثر مضبوط ٿي رهيو آهي ته ننڍڙي جڳهه جي چونڊ سان ماڻهن جي سهولت بدران انهن جي تذليل، تڪليف ۽ بي آرامي وڌائي وڃي ٿي، جڏهن ته فنڊن جي ڪميءَ جو به ڪو سوال ئي ناهي.