جيڪب آباد جي سول لائين ٿاڻي جي حد ۾ گاھ پڙي چوڪ وٽ اميت ڪمار جي ڪريانہ جي دڪان تان نامعلوم ھٿياربندن بندوق جي زور تي 7 لک رپيا ۽ ھڪ موبائل فون ڦري آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
واقعي جي خبر ملڻ شرط ئي پوليس فوري طور تي واقعي واري جاءِ تي پھچي وئي ۽ جاچ شروع ڪري ڇڏي.
پوليس موجب ڦورن جي ڳولا لاءِ سڄي علائقي ۾ ناڪا بندي ڪئي وئي آهي ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي مدد سان فوٽيج به حاصل ڪيا پيا وڃن، جن جي مدد سان ڦورن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.
