February 21, 2026 5:46 PM

جيڪب آباد: شفا ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران عيسائي برادري جي خوشين ۾ شاندار پروگرام

جيڪب آباد ۾ عيسائي برادري جي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ شفا ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال ۾ سيليبريشن جو شاندار پروگرام ڪوٺايو ويو.

پروگرام ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر نويد سام، پاسٽر شارون، پادري گل بليدي، جيڪب آباد اليڪشن ڪميشن جي صدام حسين سميت زندگي جي مختلف طبقن سان واسطو رکندڙن ۽ شھرين شرڪت ڪئي.

پروگرام کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته عيسائي برادري کي ڪرسمس جون مبارڪون پيش ڪيون ٿا ۽ بين المذاھب هم آهنگي، ڀائيچاري ۽ امن جي پيغام کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو ويو.

اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته اھڙا پروگرام معاشري ۾ رواداري ۽ يڪجهتي کي مضبوط ڪن ٿا.