عالمي بينڪ پاڪستان لاءِ 700 ملين ڊالر جي فنانسنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔
عالمي بينڪ پاڪستان کي مالي سهڪار ڏيڻ لاءِ پاکستان پبلڪ ريسورسز فار انڪلوژو ڊويلپمينٽ پروگرام جي هيٺان 700 ملين ڊالر جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي۔ پروگرام جو مقصد ملڪ ۾ معاشي استحڪام، شفاف مالي نظام ۽ عوامي خدمتن جي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ آهي۔
اداري جي تفصيل موجب، مجموعي فنانسنگ جو پيڪيج 1.35 ارب ڊالر تي مشتمل آهي، جنهن مان 600 ملين ڊالر وفاقي سطح تي ۽ 100 ملين ڊالر سنڌ لاءِ رکي ويا آهن۔ فنڊز صرف تڏهن جاري ڪيا ويندا جڏهن حڪومت مقرر ڪيل اصلاحاتي هدف پورا ڪندي۔
عالمي بينڪ جو چوڻ آهي ته منصوبي جو وڏو حصو ٽيڪس وصولي جي نظام ۾ بهتري، فنانشل گورننس جي شفافيت ۽ ڊيجيٽل نظام جي مضبوط ٺهڻ تي مرڪوز آهي، جنهن سان عوام کي فراهم ڪيل خدمتن ۾ نمايان سڌارو ايندو۔
هي پروگرام آءِ ايم ايف جي ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسيليٽي سان به مطابقت رکي ٿو، ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ صحت ۽ تعليم جي شعبي لاءِ وڌيڪ وسيلا مهيا ٿيڻ جو امڪان آهي۔ عالمي بينڪ اميد ظاهر ڪئي آهي ته جاري سڌارن سان شفافيت وڌندي ۽ سرڪاري ادارن تي عوام جو اعتماد مضبوط ٿيندو۔
