February 21, 2026 9:05 PM

برطانيه: هئڪرز وڏي مهارت سان اهم سرڪاري ڊيٽا چوري ڪري ورتو

برطانيه ۾ هئڪرز وڏي مهارت سان اهم سرڪاري ڊيٽا چوري ڪري ورتو۔

پرڏيهي ميڊيا موجب، برطانيه ۾ مبينا هئڪرز هوم آفيس ۽ فارن آفيس سان لاڳاپيل سسٽمن مان اهم ڊيٽا چوري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جنهن جو انڪشاف هوم آفيس جي عملي ڪيو۔

واقعي بابت ٽريڊ منسٽر ڪرس برائنٽ ٻڌايو ته سرڪاري ڊيٽا چوري ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي ۽ معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي۔

هن وڌيڪ چيو ته ابتدائي جائزي مطابق امڪان گهٽ آهي ته ڊيٽا چوري ٿيڻ سان ڪنهن شهري کي ذاتي طور تي نقصان پهتو هجي۔