ٽنڊو محمد خان: ٿاڻو تعلقه ٽنڊو محمد خان ۾ داخل ٿيل قتل واري ڪيس ۾ عدالت مک جوابدار ظفر علي ولد منظور عرف پپو ملاح کي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڦاسي جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ساڳئي ڪيس ۾ ٻئي جوابدار معشوق ولد منظور عرف پپو ملاح کي عمر قيد بامشقت ۽ 3 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي ۽ معشوق ملاح کي غير قانوني هٿيار رکڻ جي الزام ۾ 5 سال قيد ۽ 50 هزار رپيا ڏنڊ پڻ سزا طور مقرر ڪيو ويو.
جوابدارن 27 جولاءِ 2022ع تي ديھ لاکاٽ ۾ زمين جي تڪرار تان حاڪم علي ولد شفيع محمد ملاح کي بندوق جي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته فائرنگ ۾ مقتول جو ڀاءُ محمد امين ملاح پڻ زخمي ٿي پيو هو.
واقعي جو ڪيس مقتول جي والده مسمات امير زادي ملاح جي فرياد تي ٿاڻو تعلقه ٽنڊو محمد خان تي داخل ڪيو ويو هو.
