February 22, 2026 12:08 AM

پابندي باوجود پنجاب حڪومت وڻ ڪپي رهي آهي: سينئر اداڪاره ناديه افغان

سينيئر اداڪاره ناديه افگن وڻن جي ڪٽڻ تي پنجاب حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي آهي.

هن سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو شيئر ڪندي چيو ته پنجاب حڪومت جي سمجھ نٿي اچي، هڪ ڏينهن تعريف ڪيان ٿي ته ٻئي ڏينهن اهي پنهنجي ڪيل تي پاڻي ڦيري ڇڏين ٿا.

هن وڌيڪ چيو ته اسموگ سبب خراب حالتن جي باوجود وڻ ڪٽيا پيا وڃن، ۽ لاهور ۾ 150 سال پراڻو وڻ به ڪٽيو ويو آهي. ناديه افگن ڪتن کي مارڻ جي حوالي سان به حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻايو.