February 21, 2026 5:48 PM

جيڪب آباد: ڊاڪٽر جي غفلت، بنا چڪاس جي انجڪشن هڻڻ سبب 9 سالن جي نينگري فوت ٿي وئي

جيڪب آباد ۾ عطائي ڊاڪٽر جي غفلت سبب 9 سالن جي ٻارڙي جان جي بازي ھارائي وئي جيڪب آباد جي ڳوٺ نور واھ ۾ افسوسناڪ واقعيون پيش جتي عطائي ڊاڪٽر پاران غلط انجيڪشن ھڙڻ سبب 9 سالن جي ٻارڙي ريما مرھيٽو زندڳي جي جنگ ھارائي وئي.

وارثن موجب ٻارڙي ريما مرھيٽو کي تيز بخار سبب ڊاڪٽر ڌني بخش لاشاري ڏي کڻي وياسين، ڊاڪٽر بغير معائني جي نندڙي کي انجيڪشن ھئين جنهن ڪري ٻارڙي ريما جي حالت خراب ٿي وئي ۽ ٻارڙي وفات ڪري وئي.

وارثن ٻارڙي جو لاش روڊ تي رکي انصاف جي اپيل ڪئي ۽ ڊاڪٽر خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ چوڻ هو ته جعلي ڊاڪٽر جي غفلت سبب اسان جي ٻارڙي زندگي جي جنگ هارائي وئي آهي، جعلي ڊاڪٽر خلاف قاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ٻين جي جان جو به تحفظ ڪيو وڃي.

غمزاده وارثن لاش روڊ تي رکي سخت احتجاج ڪيو ۽ اعلی اختيارن کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو فوري وٺن ۽ عطائي ڊاڪٽر خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.