حيدرآباد: بدين ضلعي جي گولاڙچي چڪ نمبر 2 جي رھندڙ غير مسلم جوڙي مذھب بدلائي اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ محبت جو نڪاح ڪري ورتو آھي.
دليپ پنھنجو مذھب تبديل ڪرڻ کانپوءِ رجب علي نالو رکيو ۽ نصيبان مذھب تبديل ڪري ردا زھرا نالو رکيو، جنھن اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ حيدرآباد سيشن ڪورٽ ۾ محبت جو پرڻو ڪري ورتو۔
ناري ردا زھرا جي گھر ڀاتين مان قتل جون ڌمڪيون ملڻ خلاف رجب علي ۽ سندس زال ردا زھرا ٻڌايو تہ لڌو، سچل، موچي، فوٽو ۽ ڪانچي کان جان جو خطرو آھي، ھنن وڌيڪ چيو تہ ھو ھڪ ٻئي کي چاھيندا ھئا ھاڻي اسان اسلام قبول ڪري شادي ڪئي آھي، ردا زھرا جا گھر وارا اسان جا دشمن ٿي ويا آھن.
محبت جو نڪاح ڪندڙ جوڙي ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين ۽ ايس ايڇ او گولاڙچي کان بچاءُ جي اپيل ڪئي آھي تہ کين تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي.
