پنجاب اسيمبلي جي داخلا بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پنجاب پتنگ بازي آرڊيننس 2025 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. امڪان آهي ته ايندڙ اجلاس دوران پنجاب اسيمبلي هن آرڊيننس کي باقاعده طور منظور ڪري وٺندي.
آرڊيننس موجب، ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر حڪومت کان اجازت وٺي پنهنجي ضلعي ۾ پتنگ بازي جي اجازت ڏيندو. پتنگ ٺاهڻ ۽ وڪرو ڪرڻ لاءِ رجسٽريشن ڪرائڻ لازمي هوندي، جڏهن ته پتنگ باز تنظيمن کي به رجسٽرڊ ٿيڻ ضروري قرار ڏنو ويو آهي.
آرڊيننس تحت بغير رجسٽريشن جي پتنگ يا ڏور ٺاهڻ ۽ وڪڻڻ تي پنجن سالن تائين قيد ۽ پنج لک رپين تائين جرمانو ٿي سگهي ٿو. ڌاتوءَ واري ڏور، تندي ۽ تيز مانجهي واري ڏور تي مڪمل پابندي لاڳو هوندي.
منع ٿيل ڏور هٿ اچڻ جي صورت ۾ پنجن سالن تائين قيد ۽ ويهه لک رپين تائين جرمانو مقرر ڪيو ويو آهي. سب انسپيڪٽر کي اطلاع ملڻ تي بغير وارنٽ گرفتاري جو اختيار به حاصل هوندو.
ان کان علاوه، جن ضلعن ۾ پتنگ بازي جي اجازت هوندي، اتي حفاظتي قدمن کان سواءِ موٽر سائيڪل هلائڻ تي به پابندي لاڳو ڪئي ويندي.
