February 22, 2026 12:26 AM

لاهور جي جنرل اسپتال مان جعلي ليڊي ڊاڪٽر گرفتار، ڪيس داخل

Daily Kalyan News Tv Logo

لاهور جي جنرل اسپتال مان پوليس هڪ جعلي عورت ڊاڪٽر کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي۔

پوليس موجب جوابدار سونيا بي بي پاڻ کي ڊاڪٽر ظاهر ڪري مريضن جي وارثن کان رشوت وصول ڪري رهي هئي، رڪارڊ چيڪ ڪرڻ بعد معلوم ٿيو ته هوءَ ڊاڪٽر ناهي۔

پوليس مطابق سونيا بي بي جو تعلق چڪ منگلا، ميرپورخاص سان آهي ۽ هوءَ پنهنجي علائقي ۾ به پاڻ کي ڊاڪٽر طور پيش ڪندي هئي۔

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڪيترن شهرين کان ڊاڪٽر بڻجي هزارين روپيا وصول ڪري چڪي آهي، جنهن خلاف مقدمو داخل ڪيو ويو آهي۔