February 21, 2026 7:12 AM

خيبر پختونخو ۾ مينهن وسڻ جي اڳڪٿي، صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي پاران الرٽ جاري

Daily Kalyan News Tv Logo

ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ مينهن وسڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي پاران الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.

پي ڊي ايم اي (PDMA) جي جاري ڪيل الرٽ موجب، خيبر پختونخوا ۾ اڄ ۽ سڀاڻي مينهن وسڻ جو امڪان آهي. خيبر پختونخوا جي مختلف ضلعن ۾ 4 ۽ 5 ڊسمبر تي وقفي وقفي سان مينهن ۽ مٿانهن علائقن ۾ برفباري جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي ضلعي انتظاميا کي اڳواٽ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.

جاري ڪيل الرٽ موجب، دير، چترال، سوات، ڪوهستان، شانگله، مانسهره، ايبٽ آباد سميت مٿانهن علائقن ۾ مينهن ۽ برفباري جو امڪان آهي. پشاور، مردان، چارسده، نوشهره، خيبر، ڪرم، بنون، ڊي آءِ خان سميت ڪيترن ئي ضلعن ۾ مينهن وسڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ روڊن تي ڦِسلڻ جو خدشو آهي.

پي ڊي ايم اي (PDMA) موجب مينهن وسڻ سبب ڪمزور گهرن، بجلي جي ٿنڀن، اشتهاري بورڊن ۽ سولر پينلز کي نقصان پهچڻ جو خطرو آهي. ضلعي انتظاميا کي نيڪالي آب جي صفائي ڪرڻ ۽ عوام ۽ سياحن کي بروقت آگاهي ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.