February 21, 2026 9:06 PM

”يوٽيوب ري ڪيپ“ يوٽيوب جو نئون فيچر

Daily Kalyan News Tv Logo

يوٽيوب هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو آهي.

يوٽيوب ري ڪيپس، جيڪو صارفين کي سال ڀر ۾ ڏٺل وڊيوز، موضوعن ۽ چينلز جي تفصيل ڏيندو.

هي فيچر سوشل ميڊيا اسٽوري فارميٽ ۾ آهي ۽ 12 ڪارڊن تي مشتمل آهي، جن تي ڪلڪ ڪري معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي.

يوٽيوب ايپ ۾ “يو” ٽيب ۾ ري ڪيپ بينر ڏسي سگهجي ٿو يا www.youtube.com/recap تي وڃي به ڏسي سگهجي ٿو.

جيڪڏهن صارف 10 ڪلاڪن کان وڌيڪ موسيقي ٻڌي آهي ته ان کي ميوزڪ سمرِيز ۾ ڏسي سگهندو.

ياد رهي ته هي فيچر دنيا جي سڀني علائقن ۽ ٻارن جي اڪائونٽن لاءِ دستياب ناهي.