جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته آئين ۾ 27 هين ترميم دوران جيڪي غلطيون سرزد ٿيون آهن، انهن کي درست ڪري آئين کي مڪمل ڪيو وڃي.
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پارليامينٽ هڪ اهڙو فورم آهي، جتي اسين باهمي مشاورت سان معاملن کي حل ڪريون ٿا، اسان جي اها ڪوشش هجڻ گهرجي ته آئين ڪنهن به قسم جي تڪرار جو سبب نه بڻجي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته 27 هين ترميم تڪراري بڻجي وئي آهي، 1973ع ۾ مرحوم ڀٽو صاحب اڪثريت هوندي به ڳالهيون ڪيون هيون.
هن وڌيڪ چيو ته 27 هين ترميم جي حوالي سان جمهوري تقاضا پوريون نه ڪيون ويون، سياسي طور تي ڪجهه هلڪو ورتاءُ ڪيو ويو ۽ ڪجهه اهڙيون رعايتون ڪجهه شخصيتن کي ڏنيون ويون، جنهن جي ڪري طبقاتي فرق وڌي ويو آهي.