آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پاران ايل پي جي جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جي مطابق، ايل پي جي جي قيمت ۾ في ڪلو 7 رپيا 39 پئسا جو اضافو ٿيو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب 11.8 ڪلوگرامن تي مشتمل ايل پي جي جو گھريلو سلنڈر 87 رپيا 21 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي.
في ڪلو ايل پي جي جي نئين قيمت 208 رپيا 99 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گھريلو سلنڈر جي نئين قيمت 2466 رپيا 10 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي.
اوگرا جي نوٽيفڪيشن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ايل پي جي جا اهي نوان اگهه فوري طور تي عمل ۾ ايندا.