February 21, 2026 2:20 AM

شهر قائد ۾ وڪرو ٿيندڙ کير انساني استعمال جي لائق ناهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ کير جي ڪوالٽي رپورٽ پيش

Daily Kalyan News Tv Logo

عدالت ۾ پيش ڪيل هڪ ليبارٽري رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته شهر قائد ۾ کير جا سمورا نمونا مضر صحت نڪتا.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ کير جي قيمتن بابت ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ معائنہ ٽيم کير جي ڪوالٽي جي رپورٽ پيش ڪئي.

رپورٽ موجب کير جا سمورا نمونا غير معياري ۽ صحت لاءِ نقصانڪار آهن، کير جو ڪوبه نمونو انساني استعمال جي لائق نه هو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ليبارٽري رپورٽ رڪارڊ جو حصو بڻائڻ ۽ ڪمشنر ڪراچي کير جي قيمتن جو نوٽيفڪيشن پيش ڪيو، جنهن ۾ ڊيري فارمز لاءِ 200 ۽ ريٽيلرز لاءِ 220 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي.