February 21, 2026 3:40 PM

پوليس موبائل تي خودڪش حملي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد، اي ايس آءِ سميت 5 اهلڪار زخمي

Daily Kalyan News Tv Logo

خيبرپختونخواهه جي ضلعي لڪي مروت ۾ پوليس موبائل تي خودڪش حملي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ 5 زخمي ٿي ويا.

پوليس موجب لڪي مروت ۾ تجوڙي ۾ ڪٽوخيل اڏي جي قريب پوليس موبائل تي خودڪش حملي ۾ هڪ اهلڪار شهيد جڏهن ته اي ايس آءِ سميت 5 اهلڪار زخمي ٿي ويا.

پوليس حڪام جو چوڻ آهي ته زخمي اهلڪارن کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال لڪي مروت منتقل ڪيو ويو، ڊي پي او نذير خان جي قيادت ۾ پوليس علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.