February 21, 2026 10:41 PM

پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز لاهور ڊولپمينٽ پلان جي ٻئي فيز جو آغاز ڪري ڇڏيو

Daily Kalyan News Tv Logo

پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز لاهور ڊولپمينٽ پلان جي ٻئي فيز جو آغاز ڪندي چيو ته لاهور ۾ ترقي جو نئون دور شروع ٿي ويو آهي.

هن چيو ته لاهور شهر جي 6 هزار 284 گلين جي مڪمل اپ گريڊيشن ڪئي ويندي، جنهن ۾ واسا جون 486 ۽ لاهور ميونسپل ڪارپوريشن جون 5 هزار 798 گليون شامل آهن، جن کي ايندڙ سال تائين جديد بڻايو ويندو.

مريم نواز واضح ڪيو ته ترقياتي ڪمن ۾ معيار تي ڪو به سمجھوتو نه ڪيو ويندو ۽ نه ئي ڪنهن قسم جي دير برداشت ڪئي ويندي.