وفاقي وزير دفاع خواجا خواجه جو چوڻ آهي ته چيف آف ڊفينس فورسز جي نوٽيفڪيشن جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ خواجه آصف چيو ته چيف آف ڊفينس فورسز جي نوٽيفڪيشن بابت مختلف رايا ڏنا پيا وڃن.
هن وڌيڪ چيو ته چيف آف ڊفينس فورسز جو نوٽيفڪيشن بروقت جاري ڪيو ويندو، چيف آف ڊفينس فورسز جي نوٽيفڪيشن تي وڌيڪ ڪنهن به قسم جي راءِ زني جي ضرورت نه آهي.
خواجه آصف وڌيڪ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف صاحب جلد ئي وطن واپس اچي رهيا آهن.