اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي تڪ NA-18 ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ بي ضابطگين جي الزامن تي وضاحتي بيان جاري ڪيو آهي.
اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو هري پور جي ننڍي چونڊ کي مشڪوڪ بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ ڊي آر او ۽ آر او جي مقرري کي سازش قرار ڏئي رهيا آهن، جيڪا سراسر غلط آهي.
عام چونڊن ۾ عملي جي کوٽ سبب ائين نٿو ڪري سگهجي پر ننڍي چونڊ ۾ ضرورت تحت اهو قدم کنيو ويندو آهي.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڊي آر او ۽ آر او جي مقرري پولنگ کان گهڻو اڳ ڪئي وئي هئي، پر ڪنهن به پارٽيءَ اليڪشن تائين ڪو اعتراض داخل نه ڪرايو.
اليڪشن ڪميشن وڌيڪ چيو ته تڪرارن جي حل لاءِ مختلف پليٽ فارم موجود آهن ۽ متاثر ڌر کي اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪرڻ گهرجي ها.