وزيراعظم شهباز شريف صاحب جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ٽي ملڪي ٽي 20 سيريز جو ڪامياب انعقاد اسان جي هڪ اهم ڪاميابي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف ٽي ملڪي ٽي 20 سيريز جو فائنل کٽڻ تي پوري قوم کي مبارڪون پيش ڪيون آهن ۽ چيو ته ته سري لنڪا ۽ زمبابوي جي رانديگرن سموري پاڪستاني قوم جا دل کٽي ورتا آهن، ۽ پاڪستان ۾ ٽي ملڪي ٽي 20 سيريز جو ڪامياب انعقاد اسان جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن مڪمل سيريز دوران شاندار راند جو مظاهرو ڪيو، فائنل ميچ ۾ پاڪستاني رانديگرن تمام بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو.
واضح رهي ته راولپنڊي ۾ پاڪستان، زمبابوي ۽ سري لنڪا تي مشتمل ٽي ملڪي ٽي 20 سيريز جو فائنل پاڪستان کٽي چڪو آهي۔ فائنل پاڪستان ۽ سري لنڪا جي وچ ۾ کيڏيو ويو.
پاڪستان سهڻي راند جو مظاهرو ڪندي سري لنڪا کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.