February 21, 2026 9:05 PM

روس عالمي سطح تي مشهور ميسيجنگ “واٽس ايپ” ايپ کي مڪمل طور تي بلاڪ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.

Daily Kalyan News Tv Logo

روس جو چوڻ آهي ته واٽس ايپ ڏوهن کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي ۽ هن روسي شهرين کي متبادل ۽ مقامي ايپس استعمال ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي.

روس جي مواصلاتي نگران اداري جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن واٽس ايپ روسي قانونن تي عمل نه ڪيو ته ان کي بلاڪ ڪيو ويندو ۽ روس اڳ ۾ ئي آگسٽ ۾ واٽس ايپ ڪالز تي پابندي لڳائي چڪو آهي.

روسي حڪومت پنهنجي شهرين کي متبادل طور تي “ميڪس” ايپ استعمال ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي، جيڪا حڪومتي خدمتن سان ڳنڍيل آهي.

واٽس ايپ جي مالڪ ميٽا جو چوڻ آهي ته روس واٽس ايپ تي پابندي ان ڪري لڳائڻ چاهي ٿو ڇو ته واٽس ايپ روسي حڪومتي ادارن سان صارفين جي معلومات شيئر ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.