خيبر پختونخوا جي ضلعي نوشهره ۾ پنهنجي پيءُ کي قتل ڪرائڻ وارا 2 پٽ گرفتار ٿي ويا.
پوليس موجب پٽن گھرو جھڳڙي تان پيءُ کي ڪرائي جي قاتل کان قتل ڪرايو هو.
پوليس ڪرائي جي قاتل سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار جوابدارن ۾ مقتول جا 2 پٽ به شامل آهن.
پوليس موجب قتل جي حوالي سان وڌيڪ جاچ جو سلسلو جاري آهي.