February 21, 2026 2:07 PM

ٽن ملڪن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز: فائنل ۾ پاڪستان پاران ٽاس کٽي سري لنڪا خلاف فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو

Daily Kalyan News Tv Logo

ٽن ملڪن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي فائنل ۾ پاڪستان ٽاس کٽي سري لنڪا خلاف فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

راولپنڊي ۾ ٿيندڙ فائنل ميچ لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي، تيز بالر شاهين آفريدي پليئنگ اليون ۾ واپس آيو آهي، وسيم جونيئر کي ڊراپ ڪيو ويو آهي.

سري لنڪن ٽيم ۾ فائنل لاءِ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي.