باچا خان ميڊيڪل ڪمپليڪس، صوابي ۾ هڪ خاتون هڪ ئي وقت چئن ٻارن کي جنم ڏنو آهي.
ترجمان باچا خان ميڊيڪل ڪمپليڪس رحم خان جي بيان موجب، انهن چئن ٻارن ۾ ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون شامل آهن، ۽ والده ۽ ٻار سڀ صحتمند آهن. ٻارن جي والدين جو تعلق ڳوٺ سليم خان سان آهي.
نيونٽل ڪيئر يونٽ جي انچارج ڊاڪٽر عنايت الله جي مطابق، ٻار بنا ڪنهن آپريشن جي (نارمل ڊيليوري) پيدا ٿيا، ۽ اهي چارئي ٻار صحتمند ۽ چاق و چوبند آهن.
ٻارن جي والد مقصود علي جو چوڻ آهي ته هو هڪ ئي وقت چئن ٻارن جي پيدائش تي تمام گهڻو خوش آهي، ۽ هن اسپتال جي انتظاميه ۽ ڊاڪٽرن جو خاص طور تي ٿورو ادا ڪيو.