February 22, 2026 2:18 AM

قومي اسيمبلي ۾ اسان جا ڏينهن محدود ٿي ويا آهن: بيرسٽر گوھر علي

Daily Kalyan News Tv Logo

چيئرمين پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) بيرسٽر گوھر علي جو چوڻ آهي ته ائين محسوس ٿئي ٿو ته قومي اسيمبلي ۾ اسان جا ڏينهن محدود ٿي ويا آهن.

چيئرمين پي ٽي آءِ بيرسٽر گوھر علي ايوان ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ائين لڳي ٿو ڄڻ نواز شريف صاحب کي مڪمل آزادي ملي وئي آهي، جنهن ڪري کين ريڊ ڪارپيٽ استقبال ڏنو ويو ۽ بائيو ميٽرڪ جي تصديق کانپوءِ کين ٻيهر مينڊيٽ ڏنو ويو. هن ملڪ ۾ اها جمهوريت ناهي جيڪا ٻين ملڪن ۾ موجود آهي. اسان کي پنهنجي ٻارن جي حفاظت جي لاءِ به جدوجهد ڪرڻي پئجي رهي آهي.

باني پي ٽي آءِ جي حوالي سان بيان تي بيرسٽر گوھر علي صاحب چيو ته ميان صاحب چوندي چوندي دير ڪري ڇڏي. توهان اسان کان حزب اختلاف جي سيٽ کسي ورتي، جڏهن ته عمر ايوب جي سيٽ اسان کٽي چڪا آهيون. اسان ٽي ڪروڙ ماڻهن جي نمائندگي ڪري رهيا آهيون. اسان ڀارت جي خلاف هئاسون، آهيون ۽ هميشه رهنداسين.

بيرسٽر گوھر چيو ته ائين لڳي ٿو ته اسان جا هن ايوان ۾ ويهڻ جا ڏينهن ٿورا بچيا آهن. توهان اسان کان هڪ سيٽ نه ورتي آهي، بلڪه اسان سڀني جون سيٽون کسي ورتيون آهن.