دادو ضلعي ۾ سالانه ڏوهن جو احوال: 73 قتل، 10 جنسي زيادتي جا ڪيس

دادو ضلعي ۾ ھلندڙ سال دوران برادرين جي تڪرار سبب 73 ماڻهو قتل ٿي ويا، جڏهن ته 10 جنسي زيادتي جا واقعا پڻ پيش آيا۔ ضلعي جي چئنهي تعلقن ۾ 34 ڌاڙن جون وارداتون ٿيون، ان کان علاوه موٽر سائيڪل ڦر جون 21 ۽ 115 موٽر سائيڪلون چوري ٿيڻ جا واقعا پڻ رڪارڊ ٿيا۔
اياز ميلو: ڪروڙين جي بجيٽ جي باوجود خانه بدوش جهڙي ننڍڙي جڳهه جي چونڊ، آخر مقصد ڇا آهي؟

ڇا انتظاميا کي شهر ۾ موجود راڻي باغ سميت ٻيون کليل ۽ ڪشاده جڳهون نظر نٿيون اچن؟ جتي ميلاپي فنڪشن نه رڳو بهتر طريقي سان ٿي سگهي ٿو، پر ماڻهن لاءِ آمد و رفت، ويهڪ ۽ سيڪيورٽي جون سهولتون به وڌيڪ مناسب ٿي سگهن ٿيون.
جيڪب آباد: ڊاڪٽر جي غفلت، بنا چڪاس جي انجڪشن هڻڻ سبب 9 سالن جي نينگري فوت ٿي وئي

جيڪب آباد ۾ عطائي ڊاڪٽر جي غفلت سبب 9 سالن جي ٻارڙي جان جي بازي ھارائي وئي جيڪب آباد جي ڳوٺ نور واھ ۾ افسوسناڪ واقعيون پيش جتي عطائي ڊاڪٽر پاران غلط انجيڪشن ھڙڻ سبب 9 سالن جي ٻارڙي ريما مرھيٽو زندڳي جي جنگ ھارائي وئي.
حيدرآباد: پريمي جوڙي اسلام قبول ڪري شادي ڪري ورتي، تحفظ ۽ انصاف جي اپيل

حيدرآباد: بدين ضلعي جي گولاڙچي چڪ نمبر 2 جي رھندڙ غير مسلم جوڙي مذھب بدلائي اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ محبت جو نڪاح ڪري ورتو آھي.
دادو: سعودي عرب ڪمائڻ لاء ويل نوجوان خودڪشي ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

دادو: سعودي عرب ۾ روزگار جي سلسلي ۾ ويل نوجوان ذاتي تڪليفن کان تنگ ٿي خودڪشي ڪري پنهنجي زندگي ختم ڪري ڇڏي. مخدوم بلاول جي ڳوٺ احمد خان برهماڻي جو رهواسي 24 سالن جو نوجوان فياض ولد منظور برهماڻي سعودي عرب جي علائقي شروه ۾ پنهنجي گچي ۾ رسو وجهي خودڪشي ڪري ڇڏي. نوجوان جي […]