January 12, 2026 10:39 PM

سعودي عرب جو اسسٽنٽ وزير داخلا ليفٽيننٽ جنرل سعيد القحطاني انتقال ڪري ويا

سعودي وزارت داخلا اعلان ڪيو آهي ته اسسٽنٽ وزير داخلا برائے آپريشنز امور، ليفٽيننٽ جنرل سعيد بن عبداللہ القحطاني اڄ وفات ڪري ويا. وزارت پاران مرحوم جي خاندان ۽ لواحقين سان دل جي گهرائي سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ويو آهي.