March 18, 2026 3:20 PM

ايمان مزاري ۽ هادي چٺه سرينا چوڪ ويجهو گرفتار

انساني حقن جي وڪيل ايمان مزاري ۽ سندس مڙس هادي چٺه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ڏانهن وڃڻ دوران سرينا چوڪ ويجهو حراست ۾ ورتا ويا. گرفتاري تي وڪيلن جي ڪميونٽي سخت ردعمل ڏيکاريو، جن هن قدم کي متنازع ٽوئيٽ ڪيس ۾ عدالت جي حڪمن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو۔

ڪوٽڙي ۾ قانون جي بالادستي ختم؟ بااثر ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو جي سڳي ڀاڻيجَي طرفان نوجوان اغوا ۽ وحشي تشدد جو الزام

ڪوٽڙي ۾ قانون جي بالادستي ختم؟ بااثر ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو جي سڳي ڀاڻيجَي طرفان نوجوان اغوا ۽ وحشي تشدد جو الزام

ڪوٽڙي شهر ۾ ڏينهن ڏٺي واٽ تي 23 ورهين جي نوجوان عطا محمد سھتو کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري فارم هائوس تي کڻي وڃي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو. الزام آهي ته واردات ۾ ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو جو سڳو ڀاڻيجو عباس شورو ساٿين سميت ملوث آهي، جڏهن ته ايف آءِ آر باوجود ٽي ڏينهن گذرڻ تي به ڪا گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.