March 5, 2026 2:58 AM

ڇهن مهينن دوران 21 هزار 668 نيون ڪمپنيون رجسٽر

سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (SECP) جي ترجمان موجب انهن نون رجسٽرڊ ڪمپنين 30 ارب 70 ڪروڙ رپين جي ادا ڪيل سرمائي ۾ حصو وڌو آهي، جيڪو گذريل سال ساڳئي عرصي دوران رجسٽر ٿيل 16 هزار 839 ڪمپنين جي مقابلي ۾ 29 سيڪڙو وڌيڪ آهي۔ هن واڌ کان پوءِ ملڪ ۾ رجسٽرڊ ڪمپنين جو ڪل انگ وڌي 2 لک 79 هزار 724 ٿي ويو آهي۔