چوڌري شوگر ملز ڪيس: عدالت جو نواز شريف ۽ مريم نواز خلاف جاچ بند ڪرڻ جو حڪم

لاهور جي احتساب عدالت قومي احتساب بيورو (نيب) جي درخواست منظور ڪندي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز خلاف چوڌري شوگر ملز ڪيس جي جاچ بند ڪرڻ جي حتمي منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔