گل پلازہ سانحو: باهه سبب 6 افراد جاڻ بحق، 22 زخمي، سوين دڪان سڙي ويا

خطرناڪ آتشزدگي سبب 6 شهرين جي جان وڃائجي وئي ۽ درجنين زخمي ٿيا، جڏهن ته هزارين دڪان سڙي خاڪ ٿي ويا.
ڪراچي: وزيراعليٰ ڪي پي ڪي سهيل آفريدي جي شهيد بلال محسود جي وارثن سان تعزيت

خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ محمد سهيل خان آفريدي ڪراچي پهچي شهيد بلال محسود جي رهائشگاهه تي حاضري ڏني. بلال محسود ڪراچي اسٽريٽ موومينٽ دوران لياري ايڪسپريس وي تي پيش آيل واقعي ۾ شهيد ٿيو هو.
ڪراچي: استاد پاران لٺ هڻڻ سبب زخمي ٿيندڙ 6 ورهين جو ٻار فوت ٿي ويو

ڪراچي جي علائقي منگھوپير ۾ مدرسي جي استاد پاران لٺ هڻڻ سبب زخمي ٿيندڙ 6 ورهين جو ٻار حسن فوت ٿي ويو آهي۔
ڪراچي: پي ٽي آءِ جناح باغ ۾ جلسي لاءِ مزار قائد انتظاميه کي 25 لک روپيا سڪيورٽي رقم جمع ڪرائي

تحريڪ انصاف جناح باغ ۾ ٿيندڙ جلسي لاءِ مزار قائد انتظاميه جي هدايتن مطابق 25 لک روپيا سڪيورٽي رقم جمع ڪرائي آهي.
ڪراچي: مين هول مان هٿ آيل چار لاشن بابت ايم ايل او رپورٽ سامهون، فوتين ۾ ٻار ۽ عورتون شامل

ڪراچي: مائي ڪلاچي روڊ تي ڦاٽڪ ويجهو مين هول مان هٿ آيل چار لاشن بابت ايم ايل او جي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي. ايم ايل او رپورٽ موجب فوت ٿيلن جي عمرون 10 کان 40 ورهين جي وچ ۾ آهن۔
سنڌ حڪومت پاران سڀاڻ کان ڊبل ڊيڪر بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان

سنڌ حڪومت پاران سڀاڻ کان ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بس سروس شروع ڪئي ويندي، جيڪا ملير کان شارع فيصل تائين هلندي ۽ پيپلز بس سروس جيترو ئي ڪرايو رکيو ويو آهي۔
ڪراچي: گھر مان افغان عورت ۽ 3 ٻارن جون فاسي لڳل لاش هٿ

ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ گنا منڊي ۾ هڪ گھر مان هڪ عورت ۽ ٽي معصوم ٻارن جا لاش هٿ آيا آهن.
سندھ ۾ صحت جو عالمي معيار: بلاول ڀٽو پاران انڊس يونيورسٽي اسپتال جي نئين عمارت جو افتتاح

بلاول ڀٽو زرداري حڪومتِ سنڌ جي سهڪار سان جديد طرز تي تعمير ٿيندڙ انڊس يونيورسٽي اسپتال جي نئين عمارت جو افتتاح ڪيو۔
ڪراچي: 2025 دوران ٽريفڪ حادثن سبب 847 ڄڻا فوت، 11 هزار 990 زخمي

ريسڪيو ادارن جي ڄاڻ موجب ڪراچي ۾ هن سال ٽريفڪ حادثن ۾ 847 ماڻهو جاں بحق ۽ 11 هزار 990 زخمي ٿيا آهن۔ جاں بحق ٿيلن ۾ 663 مرد، 87 عورتون ۽ 97 ٻار شامل آهن۔