دادو: گهٽي جي لنگهه تان چانڊيا برادري ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي، 2 ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيوهڻ ريفر

دادو اي سيڪشن ٿاڻي جي حد غريب آباد واري علائقي ۾ گهٽي جي لنگهه تان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران بندوقون ۽ ڏنڊا هلڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 5 ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
سون جي قيمت ۾ وڏي گهٽتائي رڪارڊ

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سون جي قيمت ۾ وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
پاڪستان تاجڪستان کي 14.5 ملين ڊالر جو حلال گوشت ايڪسپورٽ ڪندو

پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ واپار وڌائڻ لاءِ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جنهن تحت پاڪستان تاجڪستان ڏانهن 1 لک 43 هزار ٽن حلال گوشت موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 14.5 ملين ڊالر ٻڌائي وڃي ٿي۔
سنڌ حڪومت پاران سڀاڻ کان ڊبل ڊيڪر بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان

سنڌ حڪومت پاران سڀاڻ کان ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بس سروس شروع ڪئي ويندي، جيڪا ملير کان شارع فيصل تائين هلندي ۽ پيپلز بس سروس جيترو ئي ڪرايو رکيو ويو آهي۔
ٽنڊو غلام حيدر مان پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو مبينا اغوا، پوليس دعويٰ: ناري پنهنجي مرضي سان مائٽن ڏانهن وئي

ٽنڊوغلام حيدر (رپورٽ – حاجي خان پنهور) ٽنڊي غلام حيدر مان 7 مهينا اڳ پيار جو پرڻون ڪندڙ پريمي جوڙو صغيران لغاري سندس مڙس عرفان لغاري هٿياربندن هٿان مبيناطور اغوا. ان سلسلي ۾ اغوا ٿيل عرفان لغاري جي والد محمد خان لغاري ۽ ڀاء سعيد لغاري دانھيندي چيو ته جوڙو ماتلي مان دوائون وٺي واپس […]
سندھ ۾ صحت جو عالمي معيار: بلاول ڀٽو پاران انڊس يونيورسٽي اسپتال جي نئين عمارت جو افتتاح

بلاول ڀٽو زرداري حڪومتِ سنڌ جي سهڪار سان جديد طرز تي تعمير ٿيندڙ انڊس يونيورسٽي اسپتال جي نئين عمارت جو افتتاح ڪيو۔
دادو: ٻن ڌار ڌار پوليس مقابلن ۾ ٻه ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ گشت دوران پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ ٻا ڌار ڌار مقابلا ٿيا، جن ۾ ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
دادو: پراسرار فائرنگ جي نتيجي ۾ پنجين ڪلاس جو شاگرد فوت

دادو ۾ پراسرار فائرنگ جي نتيجي ۾ پنجين ڪلاس جو شاگرد حفيظ ولد محمد حنيف گبول گولي لڳڻ سبب فوت ٿي ويو