پيٽرول سان ڀريل چار جهاز پاڪستان پھچي ويا، 87 هزار ٽن پيٽرول ان لوڊ ڪرڻ جو عمل جاري

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازو اضافي کان پوءِ پيٽرول سان ڀريل چار جهاز پورٽ قاسم تي پهچي ويا آهن۔
جنگي حالتن سبب قطر کان ايل اين جي جي فراهمي متاثر، 8 ڪارگو مان صرف 2 ڪارگو پاڪستان پھتا

پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب جنگي صورتحال سبب پاڪستان کي قطر کان ايندڙ ايل اين جي جي فراهمي متاثر ٿي آهي، مارچ ۾ اچڻ وارن ڪيترن ئي ڪارگوز ۾ دير ٿي وئي آهي
عالمي تيل مارڪيٽ کي بچائڻ لاءِ سعودي عرب، قطر ۽ عمان پاران ايران تي آمريڪي فوجي حملن جي مخالفت

آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽ موجب سعودي عرب جي اڳواڻي ۾ ڪجهه عرب رياستون ايران تي آمريڪي فوجي حملن جي شديد مخالفت ڪري رهيون آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب، قطر ۽ عمان آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران تي حملو ڪيو ويو ته عالمي تيل مارڪيٽ تي وڏو اثر پوندو، جيڪو سڌو آمريڪي معيشت تي به اثرانداز ٿيندو.