اسرائيل ۽ آمريڪا گڏجي ايران خلاف جنگ ۾ 42 ايراني جنگي جهاز تباهه ڪيا آهن: ٽرمپ

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل ۽ آمريڪا گڏجي ايران خلاف جنگ ۾ 42 ايراني جنگي جهاز تباهه ڪيا آهن
آپريشن غضب الحق بابت تفصيل جاري: 481 ڪارڪن طالبان مارجي ويا، 696 کان وڌيڪ زخمي ۽ 35 اهلڪار گرفتار

وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ آپريشن "غضب الحق" جا تفصيل جاري ڪندي دعويٰ ڪئي ته افغان طالبان خلاف ڪارروائي ۾ سوين ڪارڪن مارجي ويا، ڪيترائي فوجي اثاثا تباهه ڪيا ويا ۽ بگرام ايئر بيس کي به نشانو بڻايو ويو۔
عالمي تيل مارڪيٽ کي بچائڻ لاءِ سعودي عرب، قطر ۽ عمان پاران ايران تي آمريڪي فوجي حملن جي مخالفت

آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽ موجب سعودي عرب جي اڳواڻي ۾ ڪجهه عرب رياستون ايران تي آمريڪي فوجي حملن جي شديد مخالفت ڪري رهيون آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب، قطر ۽ عمان آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران تي حملو ڪيو ويو ته عالمي تيل مارڪيٽ تي وڏو اثر پوندو، جيڪو سڌو آمريڪي معيشت تي به اثرانداز ٿيندو.