سکر–روهڙي وچ ۾ نئين پل جي منظوري، شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي اپريل 2026ع تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌو درياهه تي سکر ۽ روهڙي کي ڳنڍڻ لاءِ نئين پل جي تعمير جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن سان علائقي ۾ ٽرئفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو ۽ آمدورفت ۾ بهتري ايندي۔