ڪراچي:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) درخشاں پوليس اسٽيشن اطلاع ملڻ تي ڪارروائي ڪندي بدر ڪمرشل ايريا، فيز 5، ڊي ايڇ اي ڪراچي ۾ ڇاپو هنيو ۽ مبينا فحاشي ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو۔
پوليس موجب گرفتار ٿيلن ۾ راجا پٽ عرفان، ڪرن ڌيءَ جارج، اقرا زال وقاص ۽ مقدس زال محمد اشرف شامل آهن۔
پوليس ملزمن خلاف ڪيس نمبر 183/2026 پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 294/34 تحت داخل ڪري وڌيڪ قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي۔
