March 16, 2026 9:55 PM

چوڌري شوگر ملز ڪيس: عدالت جو نواز شريف ۽ مريم نواز خلاف جاچ بند ڪرڻ جو حڪم

لاهور:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) لاهور جي احتساب عدالت قومي احتساب بيورو (نيب) جي درخواست منظور ڪندي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز خلاف چوڌري شوگر ملز ڪيس جي جاچ بند ڪرڻ جي حتمي منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔

احتساب عدالت جي جج رانا عارف ڪيس بابت نيب جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي جاچ بند ڪرڻ جي منظوري ڏني۔

نيب پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته نواز شريف ۽ مريم نواز خلاف چوڌري شوگر ملز ڪيس ۾ ڪرپشن جا ڪو به ثبوت نه مليا، جنهن بعد ايگزيڪيوٽو بورڊ جاچ بند ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي۔

عدالت موجب لاهور هاءِ ڪورٽ جي هدايت تي نيب کي حتمي منظوري لاءِ احتساب عدالت سان رابطو ڪرڻو پيو، جنهن بعد عدالت ڪيس بند ڪرڻ جي آخري منظوري ڏئي ڇڏي۔